سنڌي معلم

سنڌي معلم

سنڌي معلم

سنڌي معلم (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري عالم ۽ لسانياتي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. هي ڪتاب سنڌي سکندڙ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ رهنما آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي گرامر بابت اردوءَ ۾ تفصيلي معلومات ڏنل آهي. هي ڪتاب اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي زبان جي صوتي، صرفي ۽ نحوي نظام کان روشناس ڪري ٿو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1984ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هي ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز جي 232 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو تعارف مقتدره قومي زبان، اسلام آباد جي اڳوڻي سربراهه وحيد قريشيءَ جو لکيل آهي، جڏهن ته پيش لفظ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي مصنف جو تعارف ڇپيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو